الهڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار

الهڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار

الهڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار

الهڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار: دلشاد منزل، خيرپور جي پوئين پاسي، پنجن گنبذن تي مشتمل هيءُ عمارت هڪ برگزيده عورت مخدوم الهڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار آهي. ڳڇ عرصو اڳ هيءُ عمارت خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر مقامي هندن جي سهولت ۽ عبادت لاءِ تعمير ڪرائي هئي، جيڪا مخدوم الهڏتي فقيرياڻيءَ جي وفات تائين گهڻو ڪري هندن جي استعمال هيٺ رهي. مائي الهڏتي فقيرياڻيءَ جي وفات کان پوءِ سندس مڙهه کي هن عمارت جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو ۽ هن عمارت کي خان ٽالپر'>مير علي نواز خان ٽالپر جي حڪم تي الهڏتي فقيرياڻيءَ جي مقبري جو درجو ڏنو ويو.
مير علي نواز خان ٽالپر جي پياري گهرواري بيگم اقبال باليءَ جي وفات کان پوءِ سندس مڙهه کي ڪربلا معليٰ ۾ مدفن ڪرڻ کان اڳ هن عمارت جي احاطي ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو هو. هن مزار کي الله ڏتي فقيرياڻيءَ جو آستان پڻ چيو ويندو آهي. مائي الهڏتي فقيرياڻيءَ جو تعلق ڪشمير سان هو. موجوده وقت هيءُ عمارت سرڪار جي بي توجهيءَ جي ڪري خسته حاليءَ جو شڪار آهي. ان کانسواءِ عمارت جي آسپاس واري ايراضيءَ کي مقامي ماڻهو قبرستان طور استعمال ڪري رهيا آهن.
مائي الهڏتي فقيرياڻيءَ جي مزار پڪين سرن سان، گنبذن واري عمارت آهي، جنهن تي وڻندڙ زيبائش جو ڪم ٿيل آهي. مزار جو حجرو هڪ ڪمري تي مشتمل آهي، جنهن جي اڳياڙيءَ ۾ مک دروازي سان ورانڊو تعمير ڪيل آهي. مهاڙيءَ ۾ زيبائشي ڪم ٿيل آهي، جيڪو ٻنهي پاسن کان نظر ايندو آهي. مک لنگهه واري ورانڊي جي ڇت ۾ ننڍڙا گنبذ آهن، جن تي نيلون نصب ٿيل آهن. ورانڊي کي باقي ٻنهي پاسن کان هڪ جيترا لنگهه آهن. مزار جي پاسن کان هوا جي لنگهه لاءِ ٽي ٽي کليل دريون آهن، جن مان هڪ کي سرون ڏئي بند ڪيو ويو آهي. سڄي عمارت جي ڇت جي ٻيڙ ٻني هيٺان وڌواڙو نڪتل آهي، جنهن کي زيبائش خاطر هيٺيئن پاسي کان ٿنڀڙيون آهن. عمارت جي ڇت تي پنج گنبذ آهن، جن مان مکيه لنگهه جي ورانڊي واري ڇت تي به گنبذ آهي، هنن مان وچ وارو گنبذ وڏو ۽ باقي چار گنبذ هڪجيترا آهن. گنبذ اٺڪنڊي ڳچ تي جوڙيا ويا آهن، ڳچ تي جنسار ٿيل آهي. وچ واري گنبذ تي ڪوڻيءَ جو ابتو گل هن وقت ڀري ويو آهي ۽ نيل به غائب آهي. جڏهن ته باقي ٻنهي گنبذن تي ڪوڻيءَ جي ابتي گل جون لوهي شيخون بچيون آهن. مقبري جي عمارت جي مڙني ٻاهرين لنگهه وارن دروازن ۾ سائي رنگ جا ڄاريدار لوهي دروازا نصب ڪيا ويا آهن. مزار تي اڏيل مقبرو مغليه طرز تعمير جو ڏيک ڏئي ٿو.


لفظ الهڏتي فقيرياڻيءَ جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو